Wednesday, January 25, 2012

فيس بڪ بسترو - Facebook Bed


اسان ڪجهہ ڏينهن اڳ ۾ ئي فيس بڪ جي چاهيندڙن لاءِ فيس بڪ ميسنجر بابت لکيو هيوسين (اُهو ليک پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو)، جنهن جي پڻ مخلتف دوستن تمام گهڻي تعريف ڪئي.

هن دفعي وري پيش آهي هڪ ڪروشين ڊزائينر، ٽوميسلاو زواناريس (Tomislav Zvonarić)، جو ڊزائين ڪيل هي فيس بڪ بسترو، يعني Facebook Bed! هن بيڊ جي ٻنهي پاسن ۽ مٿان Facebook لکيو ويو آهي.
Facebook Bed - فيس بڪ بسترو
سُتل F جي شڪل جي ٺهيل هن بيڊ جي مٿئين حصي ۾ ڪم ڪرڻ جي جڳهہ ڏني وئي آهي، جتي آساني سان ويهي، ڪمپيوٽر رکي ڪم ڪري سگهجي ٿو... يا کڻي ايئن چئون تہ فيس بڪ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

ان سان گڏ ئي هيٺين حصي ۾ وري آرام ڪرڻ لاءِ هڪ آرام ڏياريندڙ بسترو پڻ آهي. ان سان گڏ مزي جي ڳالهہ اها بہ آهي تہ هن فيس بڪ سان گڏ جيڪا مٿان وجهڻ لاءِ سَوَڙ يا چادر ڏني وئي آهي، ان مٿان فيس بڪ ۾ استعمال ٿيندڙ نشانيون ڏنيون ويون آهن، جيئن لائڪ ڪرڻ جي نشاني، جنم ڏينهن جي نشاني، ڪامينٽ جي نشاني، وغيره.

توهان جو ڇا خيال آ ان بيڊ جي باري ۾؟ وٺڻ پسند ڪندؤ؟ :-)

Monday, January 9, 2012

گوگل جا ڪرتب - Google's Tricks

گوگل دنيا جي سڀني کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ويبسائٽ آهي. انهيءَ جو سبب گوگل جي 14 سالن جي اڻٿڪ محنت ۽ هر روز بهتري ۽ نواڻ آهي. 1997 ۾ سيپٽمبر جي15هين تاريخ تي شروع ڪيل هي سائٽ هن وقت دنيا جي اها واحد سائٽ آهي جنهن تي هر روز ڪروڙين ماڻهو اچي، مختلف معلومات حاصل ڪن ٿا – ڪنهن بہ سائٽ لاءِ ڪروڙين ماڻهو هڪ ڏينهن ۾ اچن، اها ڪا عام ڳالهہ ناهي!

پر توهان مان ڪيترن کي خبر آهي تہ http://www.google.com/ صرف ڳولا لاءِ ئي استعمال ناهي ڪئي ويندي. توڙي جو ان جو اصل مقصد ڳولا ئي آهي، پر ان سان گڏ گوگل ڪيترن ئي مقصد خاطر استعمال ڪري سگهجي ٿي؛ جيئن ڪئلڪيوليٽر، گهڙي (واچ)، وغيره. گوگل جي انهي استعمال تي ڪنهن ٻئي دفعي لکبو.

في الحال اسان توهان کي گوگل جون ڪجهہ مزاحيہ/تفريح واريون خوبيون (tricks) ٻڌائڻ چاهيون ٿا.. جيڪي اسان کي پڪ آهي تہ توهان مان اڪثر ساٿين کي خبر نہ هونديون!

توهان کي اهو بہ ٻڌائيندا هلون تہ هنن مان اڪثر tricks گوگل ڪروم (Google Chrome) برائوزر (ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو) تي ڪم ڪنديون. توهان ٻين برائوزرن تي پڻ استعمال ڪري اسان کي ٻڌائي سگهو ٿا.

  1. گول ڦيريون کائيندڙ گوگل
گوگل تي وڃي، يا گوگل ڪروم جي ائڊريس بار ۾ (جيڪا گوگل ڳولا  جو ڪردار ادا ڪندي آهي) هي لفظ لکو ۽ ڏسو تہ ڇا ٿو ٿئي: Do a barrel roll



  1. گوگل صفحو ٽيڏو ڪريو
گوگل ۾ وڃي لفظ askew لکو، پوءِ ڏسو تہ ڇا ٿو ٿئي. نتيجو ڏسي يقينن توهان حيران ٿي ويندا. (انگريزي لفظ askew جي معنى پڻ ڏسي وٺو.)


  1. ڪششِ ثقل  Google Gravity
هي trick اسان جو گوگل جو سڀ کان وڌيڪ پسنديده ڪرتب آهي! گوگل تي وڃي لکو Google Gravity ۽ پوءِ I’m feeling lucky تي ڪلڪ ڪريو. (ڪروم ۾ I’m feeling lucky لسٽ ۾ ساڄي پاسي لکجي ايندو آهي.)

نتيجو جيڪو نڪرندو، سو تہ توهان کي حيران ڪندو ئي.. پر توهان پوءِ گوگل ويچاري جي ٽڪرن سان ويٺا کيڏو!

اڃا وڌيڪ مزو وٺڻ چاهيو ٿا تہ ڳولا واري پٽي ۾ ڪجهہ لکو ۽ enter دٻايو... وهہ واهہ! ؛)




اڃا وڌيڪ: ونڊو کي ننڍو وڏو ڪري بہ وڌيڪ ڪرتب ڏسي سگهجي ٿو!

جيڪڏهن ڪنهن ساٿي کي اها trick آزمائڻ ۾ مشڪل پيش اچي رهي آهي تہ هُو هتي ڪلڪ ڪري سڌو سنئون اها ڏسي سگهي ٿو: Google Gravity

  1. ڪرسمس لاءِ سجاوٽ
گوگل کولي، لکو Christmas ۽ پوءِ ڏسو تہ ڪيئن نہ گوگل توهان جي ڪروم ۾ ڪرسمس جون بتيون، گُل وغيره ٿو سجائي. هڪ پوري پٽي سجاوٽ جي ٺهي ايندي!


  1. تارن سندي قطار!
گوگل ۾ وڃي Hanukkah لکو ۽ ڪرسمس وانگر ئي، هن جي نتيجي طور توهان جي گوگل ڪروم ۾ تارن جي پٽي ٺهي ايندي. اهو ان ڪري آهي جو Hanukkah هڪ روشنين جي تهوار جو نالو آهي، ۽ گوگل ان مطابق ئي توهان کي سجاوٽ ڪري ڏئي ٿو.


  1. گوگل ۾ ”پئڪ مين“ گيم
گوگل جي ائڊريس پويان pacman جو واڌار ڪريو (مطلب http://www.google.com/pacman) ۽ گوگل جي گيم کيڏو!




انهن کان علاوه ٻيون بہ ڪافي لڪيل خوبيون آهن جن سان گوگل پنهنجن چاهيندڙن کي وندرائيندو رهندو آهي. گوگل ڊُوڊل (Google Doodles) تہ هر دفعي هڪ نئين خوشي هوندا آهن.

گوگل جي انهن ڪرتبن مان اوهان کي ڪهڙو وڌيڪ پسند آيو، پنهنجو رايو ضرور ڏيندا.

Friday, January 6, 2012

فيس بڪ ميسنجر – Facebook Messenger

فيس بڪ ويب سائٽ تي ٿيندڙ چئٽنگ شروع ڪرڻ کانپوءِ فيس بڪ جي چاهڻ وارن لاءِ هڪ نئون تحفو: فيس بڪ ميسنجر Facebook Messenger!
اسان چڱي ريت ڄاڻيون ٿا تہ دنيا جي ٻين قومن وانگر سنڌي پڻ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهن پيا ۽ ان ڪري ئي هو انٽرنيٽ جي دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين بابت باخبر رهڻ لاءِ سنڌ ٽيڪ – SindhTech پڙهن ٿا.
اسان کي اهو چوندي خوشي ٿي ٿئي تہ سنڌ ٽيڪ جي مشهوري پڻ فيس بڪ تان ئي ٿي آهي. توهان هي پوسٽ پڙهي رهيا آهيو تہ ان لاءِ پڻ اسان اهو فرض ڪنداسين تہ توهان فيس بڪ تان ئي ڪنهن ڪڙي (Link) تي ڪلڪ ڪري هتي پهتا آهيو! پر جيڪڏهن اوهان گوگل يا ڪنهن ٻي سرچ انجڻ يا سائٽ تان آيا آهيو تہ اسان توهان کي دعوت ڏينداسين تہ اسان جو فيس بڪ صفحي تي پڻ شامل ٿيو. ڪڙي هي آهي: http://.fb.com/SindhTech.
فيس بڪ ميسنجر ڇا ٿو ڪري سگهي؟
ان ئي فيس بڪ هاڻي توهان لاءِ ميسنجر آندو آهي جنهن جي ذريعي اوهان فيس بڪ سائٽ بند ڪري پڻ دوستن سان چئٽنگ ڪري سگهو ٿا. نہ صرف اهو پر توهان جي دوستن جون سرگرميون پڻ اوهان کي موصول ٿينديون؛ مثال طور، ڪنهن دوست توهان جي فوٽو کي ”لائيڪ“ ڪيو آهي، ان تي رايو ڏنو آهي، وغيره.
فيس بڪ ميسنجر جي بناوت
فيس بڪ ميسنجر ڏسڻ ۾ بلڪل ان ساڄي پاسي واري چئٽ بار جهڙو آهي. اڃا بہ ايئن کڻي چئون تہ ان ئي حصي کي ڪڍي ميسنجر ٺاهيو ويو آهي تہ وڌاءُ نہ ٿيندو.
تصوير: فيس بڪ تان ورتل
ڪهڙي آپريٽنگ سسٽم تي هلي سگهي ٿو؟
فيس بڪ ميسنجر في الحال صرف ونڊوز 7 (Windows 7) تي ئي هلي سگهي ٿو. اميد ڪريون ٿا تہ جلدي ئي اهو ميسنجر ٻين آپريٽنگ سسٽمن لاءِ پڻ جاري ڪيو ويندو.
ڪٿان ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو؟
فيس بڪ ميسنجر هن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو: فيس بڪ ميسنجر ڊائونلوڊ ڪريو.

Sunday, November 20, 2011

مائڪروسافٽ سڪيورٽي اسينشلز - ونڊوز لاءِ هڪ مفت ائنٽي وائرس

Microsoft Security Essentials
هينئر اسان جنهن دور ۾ رهون ٿا اهو تمام گهڻي ترقي ماڻي چڪو آهي ۽ هر ڪم انٽرنيٽ جي مدد سان هلي رهيو آهي. ايتري قدر جو اڄ ڪلهه ڪاروبار به آنلائن (Online) ٿئي پيو. ان لاءِ تيز ڪمپيوٽر ۽ هاءِ-اسپيڊ انٽرنيٽ جي ضرورت آهي. ۽ ان شئي کي برقرار رکڻ لاءِ وائرس کان بچاءُ ڪرڻ پڻ لازمي آهي، ڇو ته جيڪڏهن اوهان انٽرنيٽ جا استعمال ڪندڙ آهيو ته توهان جو ڪمپيوٽر نوَن وائرسن سان پڄي نه سگھندو. ڪمپيوٽر چاهي ڪيترو ئي تيز ڇو نه هجي پر وائرس ان ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿو جيڪو توهان جي ٺهيل ٺڪيل ۽ هلندڙ ڪمپيوٽر جو خانو ئي خراب ڪيو ڇڏي!

ڪڏهن ڪڏهن ته ڪمپيوٽر جو سڄو مواد (Data) به تباه ٿي ويندو آهي. صرف ۽ صرف ناقابلِ اعتبار اينٽي وائرس جي استعمال جي ڪري، جنهن سان اوهان جو سالن جو رکيل مواد تباهه ٿي سگھي ٿو.  پر جيڪڏهن توهان Microsoft Security Essentials©  کي استعمال ۾ آڻيندئو ته اوهان پنهنجو اهو مواد محفوظ ڪري سگھو ٿا جنهن ۾ اوهان جي آفيسن جو رڪارڊ، گانا، رانديون (Games) ۽ اوهان جو ذاتي مواد اچي وڃي ٿو.




هن اينٽي وائرس جي سڀ کان وڏي خاصيت اها آهي ته هي مائڪروسافٽ (Microsoft®) جي پيداوار آهي جيڪا هينئر دنيا جي وڏن ۽ تيزترين سافٽويئر ٺاهيندڙن (Software Developers) مان هڪ آهي. هن جي ٻي ۽ وڏي خاصيت اها به آهي ته هي توهان جي ڪمپيوٽر ۾ پيل “.exe” فائيلون مطلب ته جيڪي به پروگرام اسان جا بيڪ اپ (Backup) ۾ پيل هوندا آهن انهن کي ٻين اينٽي وائرسن وانگر ختم ڪرڻ جي بجاءِ وائرس کان پاڪ (Scan) ڪندو آهي. تمام هلڪو هجڻ جي ڪري ڪمپيوٽر تي به ڪنهن قسم جو وزن نٿو وجهي ۽ خودڪار اپڊيٽ (Automatic Update) ٿيندڙ پروگرام آهي.


ته پوءِ ڇڏيو ٻين غير يقيني اينٽي وائرسن کي ۽ انسٽال ڪريو هڪ بهترين وائرس کان بچاءُ ڪندڙ پروگرام!

پروگرام ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ هن ڪڙي تي وڃو:
http://www.microsoft.com/en-pk/security_essentials/default.aspx

استعمال ڪري، پنهنجو رايو ڏيڻ نه وساريندا!

Saturday, May 14, 2011

پانڊا ڪلاؤڊ ائنٽي وائرس – هڪ ڪارائتو ۽ تمام ”هلڪو“ ائنٽي وائرس

اوهان سڀني مهربان پڙهندڙن جي مدد سان سنڌ ٽيڪ SindhTech پنهنجي شروع ٿيڻ جي ڪجهه ئي ڏينهن اندر تمام گهڻي مشهوري ماڻي ورتي آهي؛ ڪجهه پيارن ته سنڌ ٽيڪ لاءِ ايس ايم ايس مهم پڻ شروع ڪري ڇڏي آهي جن ۾ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ سنڌين کي هي بلاگ وزٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. توڙي جو هي هن بلاگ جا شروعاتي ڏينهن آهن، ۽ تمام گهڻيون شيون اسان جي ذهنن ۾ آهن جن کي آهستي آهستي سنڌ ٽيڪ جو حصو بڻائبو، هنن 2،3 بلاگ پوسٽس ئي اسان جي اکين ۾ سنڌ ٽيڪ جي روشن مستقبل جو رستو ڏيکاري ڇڏيو آهي.
توهان کي اسان پنهنجي فيس بُڪ واري صفحي تي ۽ بلاگ تي مخصوص ڪيل تجويزن جي صفحي تي رايا ڏيڻ جي دعوت ڏني، جنهن جي موٽ ۾ اسان تمام گهڻا ايس ايم ايس (انهن موڪليا جن وٽ اسان جا موبائل نمبر آهن) ۽ اي-ميلون وصول ڪيون آهن. انهن ۾ جنهن ڳالهه جي سڀ کان گهڻي فرمائش ٿيل هُئي، اُها هُئي ته سنڌ ٽيڪ ڪهڙو ائنٽي وائرس تجويز ڪندو؟ اچو ته ان تي ڪجهه ڳالهايون!
وائرس جو نالو اچڻ سان ئي اسان ۽ توهان جهڙن ڪمپيوٽر استعمال ڪرڻ وارن جي ذهنن ۾ هڪ چڙ ڏياريندڙ شئي جو تصور اُڀري ٿو... گهڻن جي ته دل ايئن به چاهيندي آهي ته جي وائرس نظر اچڻ واري شئي هُجي ها ته شايد کيس ٺونشا هڻي ڀڃي رکن ها! پر افسوس جو لفظ “وائرس” ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ هڪ اهڙي پروگرام جو نالو آهي جيڪو پاڻ کي ڪيترا ئي دفعا ڪاپي ڪري ڪمپيوٽرن کي ڪنهن خاص طرح جو نقصان پهچائي. وائرس هڪ ڪمپيوٽر کان ٻئي ڪمپيوٽر تائين انٽرنيٽ جي ذريعي، سندن پاڻ ۾ ڳنڍيل هُجڻ جي ڪري، هڪ Floppy، USB يا Hard disk جي ذريعي ڦهلجي نقصان ڏيندو آهي.
عام طور تي ڪمپيوٽر تي غيرارادي طرح يا ايئن ئي انسٽال ٿي ويندڙ پروگرام/فائل يا هر “عجيب” شئي کي وائرس جو نالو ڏنو ويندو آهي جيڪو ٽيڪنيل بنيادن تي غلط آهي. هر نقصان پهچائيندڙ پروگرام “وائرس” نه هوندو آهي (ان تي تفصيلي بحث ٻِي بلاگ پوسٽ ۾ ڪنداسين.)
بحرحال، هر صورت ۾ وائرس توهان جي پياري ڪمپيوٽر کي نقصان پهچائي سگهي ٿو جنهن ۾ ڪمپيوٽر آپريٽنگ سسٽم جو خراب ٿي وڃڻ، ڪيترن ئي پروگرامن جو “ڪرپٽ” ٿي وڃڻ ۽ پورو ڪمپيوٽر “ڪرئش”، يا سولي سنڌي ۾ تباهه ٿي وڃڻ شامل آهي. تنهنڪري جيئن پاڻ کي ڊينگي، مليريا يا ٻين بيمارين جي جراثيمن کان بچايو ٿا، اهڙي نموني پنهنجي ڪمپيوٽر کي پڻ وائرسن کان بچايو... (ثواب پوندؤ!)
هونئن ته مارڪيٽ ۾، انٽرنيٽ تي ڪيترائي ائنٽي وائرس پروگرام (جيڪي وائرس کي مارڻ، ختم ڪرڻ جو ڪم ڪندا آهن) موجود آهن، پر اسان توهان کي اهڙو ائنٽي وائرس پروگرام ٻڌائينداسين جيڪو اسان سمجهون ٿا ته سڀني لاءِ بهتر آهي. اهو آهي پانڊا ڪمپني جو ڪلاؤڊ ائنٽي وائرس Panda  Cloud Antivirus.
 اسان پانڊا ڪلاؤڊ جي ئي ڇو چونڊ ڪئي؟
اوهان سڀني کي خبر هوندي ته ائنٽي وائرس پروگرام تمام گهڻا ڳورا پروگرام هوندا آهن جيڪي ڪمپيوٽر کي تمام ڍرو (slow) ڪري ڇڏيندا آهن؛ پر ڪلاؤڊ ائنٽي وارس انٽرنيٽ جي دنيا جي هڪ جديد طريقي ڪلاؤڊ ڪمپيوٽنگ تي ٺهيل هڪ پروگرام آهي. ان جو مطلب آهي ته هي انسٽال ته توهان جي ڪمپيوٽر تي ٿيندو، پر فائيلُن جي اسڪئننگ يا چڪاس وري ڪمپني جي ڪنهن پري رکيل وڏي ڪمپيوٽر (remote server) تي ٿيندي، جنهن سان توهان جي ڪمپيوٽر جي پروسيسر جو استعمال نه ٿيندو ۽ نتيجي ۾ توهان جي ڪمپيوٽر جي اسپيڊ تي ڪو به اثر نه پوندو... آهي نه ڪمال!
ان کان علاوه ڪلاؤڊ وائرس سان گڏ ڪمپيوٽر ۾ پئجي ويندڙ ٻيا ڪيڙا ماڪوڙا، جراثيم ۽ مذاق مذاق ۾، مشڪري ڪندي اسان جا پاسورڊ چورائندڙ پروگرام به ڳولي انهن کي ماري ڇڏيندو آهي. انهن لاءِ هونئن الڳ پروگرام انسٽال ڪرڻا پوندا آهن ڇو ته ائنٽي وائرس انهن کي ڳولي ناهن سگهندا ۽ پوءِ اسان جهڙا بي سمجهه وري چوندا ته ائنٽي وائرس ۾ حال ڪونهي!
بحرحال، جيئن ته اسڪئننگ توهان جي ڪمپيوٽر تي نه پر ٻئي ڪمپيوٽر يا سَروَر تي ٿيندي آهي، تنهنڪري ضروري آهي ته اسڪئننگ ڪرڻ وقت ڪمپيوٽر انٽرنيٽ سان ڳنڍيل هُجي. پر پريشان نه ٿيو، ايئن ناهي ته انٽرنيٽ نه هوندي ته اسڪئننگ نه ٿيندي! اسڪئننگ ٿيندي پر 100% بچاءُ نه ٿيندو... کڻي سمجهو 70% وائرس مرندا جيڪي ائنٽي وائرس جي ڊيٽابيس ۾ شامل ٿيل هوندا، باقي نوان تڏهن نڪرندا جڏهن انٽرنيٽ تي هوندؤ.
 انهيء کان علاوه ڪلاؤڊ ائنٽي وائرس استعمال ڪرڻ ۾ سڀني ٻين پروگرامن کان سولو ۽ صاف مهانڊي (interface) وارو پروگرام آهي جيڪو هلائڻ ۾ ڪا به مشڪل پئدا نه ڪندو.
ڪلاؤڊ ائنٽي وائرس توهان کي ڳوليل وائرسن ۽ ٻين خطرناڪ پروگرامن بابت ڄاڻ پڻ ڏيندو ۽ وڌيڪ تفصيل هن جي ويبسائٽ تي ائڪٽِوِٽي مانيٽر واري حصي ۾ موجود آهي: http://www.cloudantivirus.com/en/threat-information
 سڀني کان وڏي ڳالهه اها آهي ته هي ڪو “هلائي ڏسو” (Trial Version) وارو قصو ناهي... پر سڄو پروگرام بلڪل مفت ۾ آهي جلدي ڪيو!
 پنهنجي ڪمپيوٽر کي slow ڪرڻ کان بنا وائرسن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ پانڊا ڪلاؤڊ ائنٽي وائرس ڊاؤنلوڊ ڪريو. ڊاؤنلوڊ لنڪ لاءِ سندس ويبسائٽ تي وڃو: http://www.cloudantivirus.com/en
پاڻ ڊاؤنلوڊ ڪري استعمال ڪريو ۽ پوءِ ٻين کي به ٻڌايو، اسان کي به پنهنجن راين کان آگاهہ ڪجو.

Wednesday, May 11, 2011

جي-ميل، ياهو! ۽ هاٽ-ميل کان هٽي ڪري، نيون اي-ميل ائڊريسون به استعمال ڪري ڏسوـ

انٽرنيٽ ذريعي برقي پيغام موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ کي اي-ميل موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ چئبو آهي... جيڪڏهن اي-ميل جي تاريخ کي ڏسندا سين ته اوائلي اي-ميل 1961 کان شروع ٿي، جيڪا توڙي جي هاڻوڪي صورت ۾ نه هُئي پر اي-ميل ڏانهن ئي هڪ وک سمجهي سگهجي ٿي!
اسان مان هر ڪنهن مشهور اي-ميل ائڊريسون صرف @yahoo.com، @hotmail.com يا وري @msn.com ٻڌيون آهن. سڀ کان پهرين اي-ميل سروس ياهو! هُئي، ان ڪري ياهو! جا تمام گهڻا رُڪن آهن جيڪي سندس اي-ميل استعمال ڪن پيا.
اي-ميل جي انهن ٻنهي پهلوانن کي ڪاپاري ڌڪ تڏهن رسيو جڏهن انٽرنيٽ جي بادشاهه، گُوگل، پنهنجي اي-ميل سروس Gmail جي نالي سان شروع ڪئي نالي مان ئي خبر پوي ٿي ته Gmail معنى Google Mail آهي. هن وقت ته توهان جي-ميل تي وڃي هر ڪو آساني سان پنهنجو اڪاؤنٽ يعني @gmail.com تي پنهنجي اي-ميل ٺاهي سگهي ٿو، پر جڏهن هي سروس شروع ٿي هُئي ته صرف هڪ ميمبر ئي ٻئي ماڻهو کي اي-ميل کولڻ لاءِ “دعوت” ڏئي پئي سگهيو.
بحرحال، جي-ميل، هاٽ-ميل يا ياهو! ميل مان ڪهڙي سروس بهتر آهي، اُن تي بحث ڪنهن ٻئي دفعي... هن وقت اوهان کي ڪجهه ٻين مفت اي-ميل سروسز ڏيڻ وارن جي باري ۾ ٻڌائينداسين ته جيئن سڀني کي خبر پئي ته اي-ميل جي معنى رڳو هاٽ-ميل يا جي-ميل ناهي! توهان ڀي انهن سروسز جي سائٽ تي وڃي مزيدار ۽ نئين قسم جون اي-ميل ائڊريسون ٺاهي پنهنجن دوستن کي ٻڌائي سگهو ٿا.


  AOL.com: مشهور ڪمپني اميرِڪا آنلائن جي طرفان مفت اي-ميل سروس آهي، جيڪا اي-او-ايل جي سائٽن تي لاگ اِن ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي.

 Inbox.com: هي اي-ميل سروس توهان کي آنلائن شيون رکڻ لاءِ 5GB جي جڳهه مفت فراهم ڪري ٿي.
   
Lycos: هي اي-ميل سروس توهان کي 3GB جي جڳهه مفت ڏيڻ سان گڏوگڏ اٽئچمنٽ ڪرڻ لاءِ لامحدود space ڏئي ٿي!
Rediff.com: هي اي-ميل سروس هندستان جي پنهنجي سروس آهي جنهن ۾ 1GB جڳهه ۽ 10MB جي اٽئچمنٽ ڪرڻ جي اجازت آهي.
Mail.com: هتي توهان مختلف 250 ڊومين مان چونڊ ڪري سگهو ٿا.
 Gawab.com: گَواب هڪ تمام سادي ۽ صاف اي-ميل سروس آهي جنهن ۾ توهان کي 1GB جڳهه ملي ٿي. توهان 12 ٻولين مان ڪنهن ۾ به گواب استعمال ڪري سگهو ٿا.
Hushmail.com: هي اي-ميل سروس پنهنجا ڊاڪيومنٽس وغيره آنلائن رکڻ لاءِ بهتر آهي.
AussieMail: هن اي-ميل سروس جي نالي مان ئي سمجهي ويا هوندؤ ته هي آسٽريليا جي سروس آهي. هن جا پڻ ڪافي فيچر سٺا آهن.
Care2.com: هي اي-ميل ائڊريس ٺاهڻ لاءِ اسان پڻ سفارش ڪنداسين، اُهو ان ڪري جو هي انساني ۽ جانورن ۽ ماحول جي ڀلائي ۽ بهتري جي مختلف مقصدن تي ڪم ڪندڙ عالمي تنظيم آهي. هن جي ذريعي ڪمايل پئسي مان 5% سڌوسنئون خيراتي ڪمن ۾ ويندو آهي. نه صرف اي-ميل، پر هن سائٽ ۾ ڪيتريون ئي ٻيون فائديمند سروسز پڻ آهن.
ZillaDog.com: آخر ۾ توهان کي ٻڌائينداسين زلا-ڊاگ جي باري ۾! هي هڪ تمام صاف سُٿري، ڪنهن به ناپسنديده اشتهارن کان پاڪ اي-ميل سروس آهي جيڪا ننڍن ٻارن کي ذهن ۾ رکي ٺاهي وئي آهي. اي-ميل سان گڏوگڏ هن ۾ مختلف گيمز ۽ مُوويز پڻ آهن.
 سو، دوستو، مٿين ڏنل مفت اي-ميل سروسز تي پنهنجو اڪاؤنٽ ٺاهيو ۽ ٻين کان مختلف نظر اچو!

Tuesday, May 10, 2011

سماجي رابطي واريون ويب سائٽون ڇا آهن؟ انهن جو مقصد ڇا آهي؟

انٽرنيٽ انسان جي عقل جو عمر جي حساب سان تمام ننڍڙو ٻچو آهي.
هن کي هڪ ته پئدا ٿئي ڪي گهڻا سال به ناهن ٿيا، پر ”عام ماڻهو“ جي استعمال ۾ ايندي ته مورڳو ئي ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا سال ٿيا هوندا! ان هوندي به انسان ۾ موجود اڻٿڪ محنت، مسلسل جدوجهد ۽ شين ۾ هر وقت بهتري آڻڻ واري جيتامڙي جي ڪري انٽرنيٽ تمام گهڻي تيزي سان ڪاميابي ۽ نواڻ جون منزلون طئي ڪندي آئي آهي...
ايتري تائين جو اهو اصطلاح وجود ۾ آيو جنهن ۾ دنيا کي هڪ Global Village چيو ويو، جنهن جو مطلب آهي ته دنيا مان هاڻي ملڪي سرحدون ختم ٿي ويون آهن ۽ دنيا هڪ ننڍڙو ”ڳوٺ“ بڻجي ويو آهي جنهن ۾ ڪنهن به ڪُنڊ جي ماڻهو سان ڪنهن به وقت ”رابطو“ (Communication) ڪري سگهجي ٿو.
ڏٺو وڃي ته اها ڳالهه تمام گهڻي حد تائين سچ به آهي! نه ته جوهي جي ننڍڙي شهر جو هڪ هاءِ اسڪول ۾ پڙهندڙ ڇوڪرو ڪنهن سوچيو هو ته آمريڪا جي ڪنهن استاد سان سڌو سنئون رابطو ڪندو؟ پر هاڻي اهو ممڪن آ!
 جيئن جيئن انٽرنيٽ جو استعمال عام ماڻهو جي هٿان ٿيڻ لڳو، تيئن تيئن اها ضرورت پيش آئي ته انٽرنيٽ جي ذريعي ٿيندڙ رابطي واري طريقي کي آسان بڻائجي. ان سوچ جي ئي نتيجي ۾ Yahoo! دنيا جي پهرين اي-ميل سروس شروع ڪئي جنهن جي ذريعي جهڙوڪ خطن واري لک پڙهه هاڻي برقي مدد سان ڪمپيوٽر/انٽرنيٽ جي ذريعي ٿيندي. فرق اهو هئو جو خط پهچندي ڏينهن ۽ مهينا وٺندا هُئا، پر اي-ميل ذريعي موڪليل پيغام کي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ پهچڻ ۾ مشڪل سان ڪي منٽ لڳن ٿا!
بحرحال، توڙي جو اي-ميل جي ايجاد رابطي ڪاري جي دنيا ۾ انقلاب هُئو پر انسان جي محنت رابطي جي ان “تڪڙي” طريقي کي به مات ڏئي ڇڏي ۽ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ Instant Messenger جي آمد ٿي. IM جي ڪري دنيا هڪ ٻئي اصطلاح کان وقف ٿي، جيڪو آهي، Chatting.
چئٽنگ ۾ ماڻهو دنيا جي هڪ حصي مان ٻئي حصي ۾ ويٺل ماڻهو سان جهڙوڪ رُوبرو ويهي ڳالهائي سگهن ٿا. هتان ”ڇا حال آ، سُهڻا؟“ لکجي آيو ته هُتان وري ٺَڪ جواب آيو، ”خير لڳو پيو آ، جاني. تون ٻڌا!
---
رابطي ڪرڻ ۾ ان تيزي دنيا ۾ تمام گهڻي آساني پئدا ڪئي: انٽرنيٽ جو استعمال دوستن، گهر وارن، ڪاروباري واسطن ۽ زندگي جي تقريبن سڀني شعبن ۾ عام ٿي ويو. پر پوءِ به ڪجهه کُٽل پئي لڳو. ڪا شئي هُئي جنهن جي کوٽ ماڻهن کي غيرشعوري طور محسوس پئي ٿي.
ان کوٽ ئي جنم ڏنو Social Networking Sites يا سماجي رابطي وارين ويبسائيٽن کي! هنن سائٽن تي سماجي رابطا يا نوان واسطا ٺاهي ۽ انهن سان رابطي ۾ رهي سگهجي ٿو. اهڙي طرح توهان جو هڪ سماجي واسطن/سُڃاڻپ جو ڄار (Social Network) ٺهي وڃي ٿو. اُتي موجود ماڻهن جي “پروفائل” ۾ سندن تعارف ڏنل هوندو آهي ۽ توهان کين ڪنهن خاص شهر جي هُجڻ ڪري، هڪ ئي پسند هُجڻ ڪري، ساڳيا شوق هُجڻ ڪري، ساڳيو ڪاروبار هُجڻ ڪري يا وري ڪنهن خاص شئي ڄاڻڻ لاءِ پڻ کين پنهنجي نيٽ-وَرڪ ۾ شامل (Add) ڪندا آهيو. جيڪڏهن شموليت جي اها درخواست (Request) هُو قبول ڪندا آهن ته پوءِ توهان هنن جو سڄو پروفائل ڏسي سگهندا آهيو ۽ ڪنهن به وقت ساڻن رابطو ڪري سگهو ٿا.
هنن سائٽن تي اسان جي موجدگي ان ڪري به ضروري آهي جو اسان کي ڪيترين ئي ماڻهن سان ڳنڍجڻ سان گڏوگڏ، ڪيتريون ئي شيون سکڻ لاءِ ملنديون آهن. ڪنهن به ماڻهو کي انٽرنيٽ تي ڪا به سُٺي شئي لڳي آهي ته هو اُتي ٻين سان ونڊي يا share ڪندا آهن، ۽ ايئن وري ٻيا پڻ ان مان فائدو حاصل ڪندا آهن.
ان کان علاوه پڻ ڪيترين ئي ميڙاڪن (Groups) ۾ شامل ٿي اسان مختلف بحث مباحثن ۾ شامل ٿي پنهنجو موقف پيش ڪري سگهون ٿا. انهن ميڙاڪن ۾ هاڻي ڪي صرف ڪالج يا هاءِ سڪول جا ڇوڪرا نه پر تمام وڏا ڪاروباري ماڻهو ۽ ڪمپنيون اچن ٿيون جن سان هنن جي ڪمپنين ۽ ڪاروبارن کي فائدو پهچي ٿو. هاڻي ته هر ننڍي وڏي ڪاروبار، ڪمپني يا آرگنائزيشن جي ڪوشش آهي ته هو پاڻ کي سماجي رابطي وارين سائٽن تي مختلف ذريعن سان ڦهلائي ته جيئن ماڻهو سندن ڪاروبار کي سُڃاڻين ۽ نتيجي ۾ کين فائدو پهچي.
هاڻي توڙي جو مشهور صرف Facebook، Twitter ، LinkedIn، ۽ Orkut وغيره آهن، پر حقيقت ۾ انٽرنيٽ تي هن وقت سوَن جي تعداد ۾ سماجي رابطي واريون سائٽون موجود آهن. هي ڏسو:
سنڌ ٽيڪ پڻ انهن سائٽن تي موجود آهي ۽ توهان هيٺين لنڪس تي ڪلڪ ڪري اسان سان شامل ٿي سگهو ٿا: